ارشاد القرآن تحقيق 1

ارشاد القرآن (تحقيق) (ڪتاب): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ قرآن شريف جي چونڊ احڪامن سان واسطو رکندڙ آيتن جو سليس سنڌي ترجمو ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب اول هفته وار ’عبرت‘ ۾ قسط وار آيو. سنه 1946ع اسلاميه دارالاشاعت هن کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو. ڪتاب ۾ 64 صفحا ۽ قيمت ڏهه آنا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو